دلمراد جمالي

دلمراد جمالي: ناميارو سياستدان دلمراد خان ولد دين محمد خان جمالي 1948ع ڌاري موري تعلقي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دلمراد خان جمالي (؟) ۾ ڄائو. سندس پيءُ 1951ع ۾ ٽرين حادثي ۾ گذاري ويو. هن پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان 1968ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ سياسي زندگيءَ جو آغاز پنهنجي چاچي حاجي غلام محمد خان جماليءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ڪيائين. 1979ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر ٿيو. سندس حق ۾ 2200 ووٽ آيا ۽ مخالف 700 ووٽ کنيا. دلمراد خان جماليءَ 1983ع جي جمهوريت جي بحاليءَ واري جدوجهد (MRD) ۾، تحريڪ استقلال پاران حصو وٺندي، 17 آگسٽ 1983ع تي گرفتار ٿيو، جنهن واقعي ۾ 4 ماڻهو شهيد ٿيا هئا. دلمراد جماليءَ کي 13 مهينا جيل جي سزا آئي. آزاد ٿيڻ کان پوءِ تحريڪ استقلال ڇڏي غير جماعتي بنياد تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو ورتائين. 1985ع جي چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي مشهور سياستدان حاجي الله بهڻ'>رحمت الله بهڻ کي شڪست ڏني.
هن پاڻ وٽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ رکي ۽ صوبائي سيٽ لاءِ ڄام ڪرار جي حمايت ڪئي، جيڪو به ڪامياب ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو. محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ خان محمد جمالي سياست ۾ سرگرم رهيو ۽ دلمراد ڪنهن به اليڪشن ۾ حصو نه ورتو، پر پنهنجي جاءِ تي سياست ۾ ضرور سرگرم رهيو.
1997ع ۾ پي. ايس 19 موري جي سيٽ تان پ پ شهيد ڀُٽي گروپ طرفان اميدوار بيٺو پر سرگرم نه رهيو، ڇو ته دلمراد خان جماليءَ ۽ خان محمد جماليءَ جتوئي گروپ جي اميدوار جي حمايت ڪئي، جڏهن نوازشريف جي حڪومت آڪٽوبر 1999ع ۾ ختم ٿي ته جمالي صاحبان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو